سيد ظفر علي شاهه

سيد ظفر علي شاهه

سيد ظفر علي شاهه

سيد ظفر علي شاهه: نامور سياستدان ۽ نوشهري فيروز جي علمي ادبي خاندان سان واسطو رکندڙ سيد ظفر علي شاهه جو اصل نالو سيد الهندو شاهه آهي. سندس جنم 20 نومبر 1932ع تي ڊڀري/ درٻيلي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. سندس ڏاڏو الهندو شاهه پنهنجي وقت ۾ سنڌ جي اهم علمي ۽ سياسي شخصيت هو. سيد ظفر علي شاهه ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي آهي. هي شاگرديءَ واري زماني کان سياست ۾ سرگرم ٿيو. سائين جي. ايم. سيد ۽ قومپرست تحريڪ سان سندس گهري ويجهڙائي رهي. اڳتي هلي پارلياماني سياست ڪيائين، تڏهن به سندس خانداني لاڳاپا جي. ايم. سيد سان برقرار رهيا. هن پهرين چونڊ 1962ع ۾ وڙهي، جنهن ۾ ڪامياب ٿي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. 1970ع ۾ به صوبائي اسيمبلي جي چونڊ کٽيائين، ان وقت جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي بل پاس ٿيڻ کان پوءِ اردودان طبقي گوڙ ڪيا، ته هن موري ۽ ڪراچيءَ ۾ ’سنڌي زبان‘ ڪنوينشن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ زوردار تقريرون ڪيون. ان کان پوءِ مسلسل 88-1985ع، 93-1990ع، 2002ع، 2008ع وارين چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندو رهيو آهي. ظفر علي شاهه 1962ع ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبر رهڻ دوران سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر ٿيو، 1984ع ڌاري خوراڪ، ٻيلن، چوپائي مال، ماهگيريءَ جو صوبائي وزير به رهيو. 1985ع ۾ صنعتن، خوراڪ، زراعت ۽ چوپائي مال جي وفاقي وزارت جو قلمدان وٽس رهيو، 1989ع ۾ بجلي ۽ پاڻيءَ جو وفاقي وزير رهيو، 1993ع دوران قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر رهيو، 2008ع ۾ قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو. سيد ظفر علي شاهه، سعودي عرب، سوڊان، آمريڪا، جپان، سوئٽزرلينڊ، برطانيه، جرمني، اٽلي سميت ٻين ڪيترن ملڪن جا سرڪاري ۽ غير سرڪاري دورا پڻ ڪري چڪو آهي. هيءُ پنهنجي اصولي سياست سبب مشهور آهي. ڪجهه عرصو اڳ پيپلز پارٽي ڇڏي مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيو آهي ۽ 2013ع وارين چونڊن ۾ کٽي نه سگهيو.


لفظ سيد ظفر علي شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.11.20  عيسوي

نامور سياستدان ۽ نوشهري فيروز جي علمي ادبي خاندان سان واسطو رکندڙ سيد ظفر علي شاهه جو اصل نالو سيد الهندو شاهه آهي. سندس جنم 20 نومبر 1932ع تي ڊڀري/ درٻيلي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طالب حسين ڀورو بروهي
سهجرام توشڪچي
ٻوڌراج ٻوڌ
ڀاٽيا وشنو
امداد الله انڙ
سنت ماڌو داس
ڄام ڀرمل- I
جابر بن سنان حراني
ڀڳت ٽيئون رام
ڄام سَپڙُ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون